رائيس مارڪيٽ رپورٽ

رائيس مارڪيٽ رپورٽ: ورهاڱي کان اڳ هيءَ اخبار، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ هفتي ۾ ٻه دفعا شايع ٿيندي هئي، اخبار جو دفتر لاڙڪاڻي جي ’نوان تڪ‘ ۾ هوندو هو. هن اخبار جو ساليانو چندو ٽي روپيا هو. هن اخبار جون 200 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، اخبار جو پهريون پرچو 21 آگسٽ 1937ع تي شايع ٿيو. اخبار ۾ واپاري ۽ تجارتي خبرون ۽ سياسي سماجي احوال شايع ٿيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو